62

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل غريب عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان جلد معاهدو طئي ٿيڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته پگهارن جي معاملي تي ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان غير رستي گفتگو دوران مفتاح اسماعيل کان سوال ڪيو ويو ته ڇا آءِ ايم ايف 15 سيڪڙو پگهارون وڌائڻ ۽ 12 لک رپين تائين انڪم ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو مخالف آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته آءِ ايم ايف جو پگهارون وڌائڻ سان ڪو واسطو ناهي ۽ 12 لک پگهار تي ڳالهه ٿي ويندي ۽ اسان تحفظ ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته سرندي وارن تي ٽيڪس لڳايو ويندو پر غريب عوام کي ٽيڪس رليف ڏينداسين.مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت سوال تي چيو اميد آهي ته هڪ ٻه ڏينهن اندر معاهدو ٿي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں