107

اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر دعا ڀٽو ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

ڪراچي (م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر دعا ڀٽو ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ تقرير ڪندي پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو چيو ته هڪ ايم پي اي منهنجو هٿ پڪڙيو، منهنجو رئو لاٿو ويو، موبائل کسي وئي، ڊپٽي اسپيڪر صاحبه توهان انهن کي ڊي سيٽ ڪري تاريخ لکي ڇڏيو ۽ ٻڌايو ته توهان انصاف ڪيو آهي هڪ عورت سان، جنهن جو رئو لٿو.هن چيو ته هتي ويٺل عورتن جي ڪهڙي عزت ڪندا، جن رئو لاٿو انهن جون مائرون، ڌيئرون شايد ناهن، ڇا محترمه بينظير ڀٽو ان لاءِ پارٽي ٺاهي هئي، هيءَ ان جي پارٽي ناهي، هيءَ زرداري مافيا جي پارٽي آهي.دعا ڀٽو جي تقرير دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر چيو ته طئي ٿيو هو ليڊر شپ خلاف ڳالهه نه ٿيندي، پوءِ هن دعا ڀٽو جي مائيڪ بند ڪري ڇڏي، جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو.صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اهڙي قسم جي تقرير نٿي ٿي سگهي، دعا ڀٽو جو مڙس هتي اسان جي عورت بابت ڳالهيون ڪند رهيو آهي، ان وقت انهن لاءِ ٻڏي مرڻ جي ڳالهه نه هئي؟ جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته توهان هاڻوڪي ڳالهه ڪيو.مڪيش ڪمار چاولا چيو ته چپ ڪيو، گهڻي ٽر ٽر نه ڪيو، انهن جي مرد ميمبرن کي درخواست آهي ته اهڙيون حرڪتون نه ڪيو، اها ڌمڪي نه ڏيو ته تقرير ڪرڻ نه ڏينداسين، ڏسان ٿو ڪيئن تقرير ڪرڻ نٿا ڏيو.ان موقعي تي پ پ ميمبر شرميلا فاروقي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته دعا ڀٽو چيو ”هن ٻڪريءَ کي چُپ ڪرايو“.اجلاس دوران ڪلثوم چانڊيو ۽ دعا ڀٽو ۾ به تڪرار ٿيو، ڪلثوم چانڊيو چيو ته هيءَ پنهنجي پيءَ جي ڌيءَ آهي ته مون کي هٿ لڳائي ڏيکاري، اڄ اجرڪ جي ڳالهه ٿي ڪري، ڪالهه ٽي وي تي ڊانس ڪندي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں