57

حڪومت جو غريب ۽ پٺ تي پيل طبقي کي رليف ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف پٺ تي پيل طبقي کي پنج عام واهپي واريون شيون گھٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ يوٽيلٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفسيرن شرڪت ڪئي.شهباز شريف خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورن جي قدمن کي ساراهيو، جڏهن ته هن غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪندي چيو ته 5 عام واهپي وارين شين کي ايندڙ مالي سال تائين گھٽ اگهن تي فراهم ڪيو وڃي.وزيراعظم ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ واڌ جي به منظوري ڏني ۽ چيو ته ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورن جو گھٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورن جي انگ ۾ واڌ جو گڏيل منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو ويندو.هن چيو ته پٺ تي پيل طبقي کي هن وقت رليف جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، هنن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت هر صورت خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ هن طبقي کي عام واهپي وارين شين تي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته سبسڊي جو نظام اڻ ڌريو ۽ ڊجيٽل، جڏهن ته مختلف قسم جون سبسڊيون گڏ ڪري هڪ گڏيل نظام جوڙيو وڃي، جنهن تحت خاص طور تي پٺ تي پيل طبقي جي رليف کي ترجيح ڏني وڃي. سبسڊي جو نظام سڌارڻ لاءِ صنعت ۽ پيداوار، ناڻي ۽ غربت جي خاتمي وارا وزير حڪمت عملي جوڙين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں