60

لنڊن ۾ ريلوي ملازمن جي تاريخ جي سڀ کان وڏي هڙتال سڀاڻي کان شروع

لنڊن (م ڊ) لنڊن جي 30 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هڙتال سڀاڻي شروع ٿيندي، جنهن ۾ 13 ٽرين آپريٽرن جا 40,000 کان وڌيڪ مزدور حصو وٺندا. ميڊيا رپورٽن موجب سڀاڻي کان ايندڙ 6 ڏينهن تائين لکين ماڻهن کي ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، اڱاري، خميس ۽ ڇنڇر تي هڙتالون ٿينديون.ٽريڊ يونينز ۽ ريلوي اختيارين وچ ۾ هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، انڊر گرائونڊ ٽرين سروس به اڱاري تي هڙتال ڪندي، جنهن سبب روڊن تي سخت ٽريفڪ جام ٿي سگهي ٿو.رپورٽن مطابق ٽرانسپورٽ فار لنڊن مسافرن کي پيدل يا سائيڪل تي سفر ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، آر ايم ٽي يونين ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف هڙتال جو فيصلو ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب هڙتال دوران 20 هزار کان وڌيڪ بدران رڳو 4500 خدمتون فراهم ڪيون ويون.هڙتال جي اعلان کانپوءِ نيٽ ورڪ ريل 20 جون کان 26 جون تائين نئون ٽائم ٽيبل جاري ڪري ڇڏيو آهي، هڙتال واري ڏينهن ٽرينون صبح 7:30 کان شام 6:30 وڳي تائين هلنديون. ريلوي ملازمن جو چوڻ آهي ته مهانگائي 4 ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي ۽ ان تي گذر بسر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں