66

صدر پي ٽي آءِ جي ٽوپي لاهيو ۽ صدر جي ٽوپي پايو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جو صدر پارليمان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، صدر پي ٽي آءِ جي ٽوپي لاهيو ۽ صدر جي ٽوپي پايو، احتساب عدالت ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيب ڪيس ۾ اڄ ٻيهر پيش ٿيا آهيون، ڪيسن ۾ الزام لڳايا ويا آهن، پر ثابت ناهن ڪيا ويا، هن چيو ته صدر کي گذارش آهي ته نيب جو رڪارڊ گهرائي ڏسي ته نيب ڪنهن کي ڏوهاري قرار ڏنو آهي ۽ ڪيترن کي عدالتن مان سزا ڏياري آهي، جاويد اقبال کي گهرائي پڇيو ته 4 سالن ۾ ڪيسن ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، 4 سال پي ٽي آءِ جي حڪومت رهي، پر ڪيسن جو فيصلو ۽ ڏوهه ثابت نه ٿيا، ن ليگ اڳواڻ چيو ته جيستائين نيب آهي ملڪ نه ٿو هلي سگهي ۽ نيب جي ذريعي سياسي جوڙ توڙ ٿيندي رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں