59

عمران خان تمام جلد واپس اچي رهيو آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته مان اڄ ٻڌائي رهيو آهيان ته عمران خان تمام جلد واپس اچي رهيو آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، هاڻي مهانگائي آئي آهي، 15 ڏينهن بعد تباهي اچڻ واري آهي. هن چيو ته عوام جي حڪومت عوام ذريعي ايندي آهي، هوڏانهن ايليٽ جي حڪومت ايليٽ ذريعي ٺاهي وئي آهي، بابر اعواڻ چيو ته عمران خان کان ڊڄڻ ڇڏي ڏيو، حڪومت ان جو جواب ڏئي، سرڪاري ملازم ڪنهن جي اجازت سان اسرائيل ويا، سرڪاري ملازم جي واپسي تي انهن کان ڪا جانچ پڙتال ٿي ته هو اسرائيل ڇو ويا؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں