45

پيپلز پارٽي جهالت، شدت پسندي ۽ عدم برداشت جي رويي کي شڪست ڏيندي: آصف زرداري

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جهالت، شدت پسندي ۽ عدم برداشت جي رويي کي شڪست ڏيندي، آصف زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي بيان جاري ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ آباد جيالن ۽ همدردن کي شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته پ پ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي هر خواب کي پورو ڪندي ۽ جهالت، شدت پسندي ۽ عدم برداشت جي رويي کي شڪست ڏيندي، هن چيو ته عوام کي غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي مان نجات ڏيارڻ ۽ ڪچليل طبقي کي سماجي ۽ معاشي انصاف ڏيارڻ شهيد بي بي جو مقصد هو، آصف زرداري چيو ته پارليامان جي بالادستي سان ملڪ جو وقار بحال ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں