52

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اصول اسان لاءِ هميشه مشعل راهه رهندا: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اصول اسان لاءِ هميشه مشعل راهه رهندا، پرڏيهي وزير شهيد راڻي جي سالگرهه ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي سختيءَ سان عمل ڪندي ملڪ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻائي سماجي ۽ معاشي انصاف کي يقيني بڻائينداسين، پ پ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ سوچ ۽ رستي جو نالو آهي، اها سوچ ۽ رستو جيڪو عوام کي محرومين کان نجات ۽ ايندڙ نسلن کي ترقي يافته ۽ مهذب معاشرو ڏيڻ جي ضمانت ڏئي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں