55

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٽه رڪني بينچ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي فارنگ فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار اڪبر ايس بابر ۽ فنانشل ايڪسپرٽ پيش ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان شاهه خاور اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي اڪبر ايس بابر چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا سياسي پارٽي اليڪشن ڪميشن ۾ فنڊنگ جا تفصيل ڏئي رهي آهي، جڏهن ته هر سياسي پارٽي کي اليڪشن ڪميشن اڳيان جوابده هجڻ گهرجي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪيس فائنل ٿي ويو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ٻين پارٽين جا ڪيس به پڄاڻيءَ تي پهچن، هن چيو ته ووٽر جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي ۽ ملڪ کي جمهوري طور تي مضبوط ڪرڻو آهي، ٻڌڻي دوران سمورن دليلن ۽ بريفنگ بعد اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي جاچ 8 سالن بعد مڪمل ٿي، جنهن جو فيصلو به محفوظ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں