54

ضمني چونڊن دوران امن امان ۾ خلل جهڙا واقعا بلدياتي اليڪشن ۾ نه ٿيڻ گهرجن: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ضمني چونڊن دوران امن امان ۾ خلل جهڙا واقعا بلدياتي چونڊن ۾ نه ٿيڻ گهرجن، پوليس اهڙو پلان تيار ڪري جو ڪوبه شرپسند پولنگ اسٽيشن وٽ نه اچي سگهي،  وڏي وزير جون بلدياتي چونڊن بابت تيارين جي جائزي لاءِ اجلاس دوران امن امان يقيني بڻائڻ جي هدايت، ٽريننگ سينٽرز، سي ٽي ڊي، ڪرائيم برانچ ۽ ايس آر پي سي جا اهلڪار به پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي،  وڏي وزير اهلڪارن کي پولنگ اسٽيشنز تائين پهچائڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بلدياتي چونڊن دوران امن امان جي معاملي تي ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، پولنگ جي ڏينهن هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳل آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں