54

نيب قانون ۾ ترميم ملڪ تي بمباري کان وڏو ڏوهه آهي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان نيب ترميمي بل کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته وڏن ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، نيب ۾ ڪيل ترميمن کي هن ئي هفتي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، جن ماڻهن نيب قانونن ۾ ترميمون ڪيون، انهن کي جيل موڪلڻ گهرجي، هيءَ حڪومت آئي ئي ان ڪري هئي ته پنهنجي خلاف ڪيسن کي ختم ڪرائي سگهي، نيب قانون ۾ ترميمون ڪري بي شرمي جو مظاهرو ڪيو ويو، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس وٺندي.هن چيو ته آمدني ۾ وڌيڪ اثاثا رکندڙ هاڻ قانوني ڪارروائي کان بچي ويندا، هاڻ مني لانڊرنگ جا ڪيس نيب جي اختيارن جي دائري مان ڪڍي ايف آءِ اي حوالي ڪيا ويا آهن، معنيٰ نيب هاڻ پاڻ راڻا ثناءُ الله جي هيٺان هوندو، نيب قانون ۾ ترميم سان نواز، شهباز ۽ زرداري فيملي بچي ويندي، نيب قانون ۾ ترميم ملڪ تي بمباري کان وڏو ڏوهه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں