45

پيٽروليم شين جي اگهن جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن جي جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته اسان ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪي معيشت جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب وزير اعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.

ناڻي واري وفاقي وزير وزير مفتاح اسماعيل  اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناهي، قيمتن ۾ واڌ جو سبب عالمي سطح تي تيل مهانگو ٿيڻ آهي، پهرين بجيٽ آهي جنهن ۾ اميرن تي ٽئڪس ۽ غريبن کي رليف ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، جلد معاشي بحران تي ظابطو آڻينداسين.

اجلاس ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سياسي بنيادين تي مقررين ۽ بدلين جي مخالفت ڪندي چيو ته اسان ڪجهه وقت لاءِ آيا آهيون اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان کي سياسي بنيادن تي ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

اجلاس ۾ سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي

ذريعن موجب اجلاس ۾ سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، سڪوڪ بانڊز سان مقامي قرضن جو بار پڻ گهٽ ٿيندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف واري معاملي تي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف، پرڏيهي وزارت ۽ ايف اي ٽي ايف سيل کي مبارڪون ڏنيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کي جي ايس پي پلس اسٽيٽس تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.

وزيراعظم انڊونيشيا کان کاڄرو تيل گهرائڻ تي صنعت واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون.

وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين : وزيراعظم

ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب اسان کي وڏو معاشي چئلينج مليو ، گذريل حڪومت پيٽرول جا اگهه گهٽائي ايندڙ حڪومت لاءِ ڄار وڇايو، سڄي دنيا ۾ معاشي صورتحال ڳنڀير آهي قيمتون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن.

وزيراعظم چيو ته پيٽرول جا اگهه مجبوري ۾ وڌائڻا پيا، 7 ڪروڙ عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، غريبن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏئي رهيا آهيون، اميد ته امير طبقو هن ڏکئي وقت ۾ ٽيڪس جي ادائيگي ۾ قوم جو ساٿ ڏيندو، جيڪڏهن اسان کي وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا ته ضرور ڪنداسين، بجيٽ ۾ امير طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل حڪومت ساڍا ٽه سال عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڏکيائيون آهن پر سڀ گڏجي محنت ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں