57

شهيد راڻي عوام جو آواز هئي، هن هر ظلم ۽ آمر جو ڄمي مقابلو ڪيو: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير آمر ضياءَ الحق جو مقابلو ڪيو، هن شهادت قبول ڪئي پر آمرن آڏو هار نه مڃي، بينظير ڀٽو ڪالهه به زنده هئي، اڄ به زنده آهي.هن چيو ته شهيد راڻي ملڪ لاءِ 30 سال جدوجهد ڪندي رهي، شهيد محترمه بينظير جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، منهنجي والده هر ظلم ۽ هر آمر سان مقابلو ڪيو، محترمه ملڪ جي غريب عوام جو آواز هئي، بينظير کي شهيد ڪندڙ سمجهي رهيا هئا ته پ پ ختم ٿي ويندي، پر شهيد راڻي زنده هئي، اڄ به جيالن جي صورت ۾ زنده آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻائي سماجي ۽ معاشي انصاف کي يقيني بڻائينداسين، لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن کان پرڏيهي وزير بڻيو آهيان، سک سان ناهيان ويٺو، هن چيو ته اسان سليڪٽيڊ کي جمهوري هٿيار استعمال ڪيو، ، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي، هن چيو ته وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ کان بچايو آهي، هن چيو ته فيفٽ جي گري لسٽ مان جلد نڪري وينداسين، هن چيو ته برآمد لاءِ وڏيون خوشخبريون آڻينداسين، اسان ملڪ کي بچائڻ لاءِ ان حڪومت جو حصو بڻيا آهيون، هڪ شخص ملڪ کي وڏو نقصان رسايو، معاشي حالتون اڃا خراب ٿيڻ وڃي رهيون آهن، جي ايس پي پلس اسٽيٽس خطري ۾ آهي، اسان تجارت چاهيون ٿا، خيرات نه گهرنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں