51

قوم پنهنجي فوجي قيادت جي تصوير چورن سان گڏ نه ٿي ڏسڻ چاهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اڄ قومي سلامتي جو اجلاس ڪرپٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن جي سرپرستي ۾ٿيندو، پنهنجي ٽوئٽ بيان ۾ هن چيو ته قوم پنهنجي فوجي قيادت جي تصوير چورن سان گڏ نه ٿي ڏسڻ چاهي، جن فوج خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا، اهي ملڪ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل آهن، پاڪ فوج کي گاريون ڏيندڙ اڄ قومي سلامتي جي ميٽنگ ۾ڪهڙي منهن سان ويندا، شيخ رشيد چيو ته ڏوهارين کي اقتدار ڏئي نيب ۾ ترميم ڪئي وئي، اسان کي گهٽ چانهه پيئڻ ۽ اڌ ماني کائڻ جو مشورو ڏيندڙ پنهنجي گهرن جي  زيبائش لاءِ اضافي بجيٽ وٺندا آهن، اتحادي پارٽين ۾ وڇوٽيون شروع ٿي ويون آهن، ن ليگ کي سياسي کڏي ۾ اڇلائي پ پ پاڻ رفو چڪر ٿي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں