53

اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، ن ليگ ۽ پ پ جي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي، درخواست گذار طارق فضل چوڌري طرفان عادل عزيز قاضي پيش ٿيو، هن موقف اختيار ڪيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي چوي ته اسلام آباد ۾ يونين ڪائونسلز جي تعداد کي وڌايو وڃي ۽ نئين تڪ بندين موجب چونڊون ڪرايون وڃن، جنهن تي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ يونين ڪائونسلز جو تعداد وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪندي چيو ته هڪ وارڊ کان ٻئي وارڊ ۾ ووٽ منتقلي بابت به پٽيشنز آيون آهن، اهي به ڏسي وٺو، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو ته پهريان نيون تڪ بنديون ڪنداسين، پوءِ مڪاني چونڊن جو شيڊول ڏينداسين، عدالت وفاقي حڪومت کي مڪاني چونڊن لاءِ سهڪار جو حڪم ڏئي، ڇو ته حڪومتون مڪاني چونڊن ۾ رڪاوٽون وجهنديون آهن، اي سي پي وڌيڪ چيو ته 65 ڏينهن ۾ نيون تڪ بنديون ڪري چونڊ شيڊول جو اعلان ڪنداسين، عدالت وفاقي حڪومت کي مڪاني چونڊن جي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جو حڪم ڏئي، ڪميشن اختيارين چيو ته 600 وارڊز ۾ تڪ بنديون ڪرڻيون آهن، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 مهينن جو وقت گهربل آهي، ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 50 يونين ڪائونسل جو اليڪشن شيڊول واپس وٺندي 101 يونين ڪائونسل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں