55

خيبرپختونخواهه ۾ زلزلو، گهر ڊهي پٽ، هڪ ڄڻو فوت

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. لڪي مروت ۾ گذريل رات زلزلي سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. پوليس موجب ڪاشف عالم مقامي فٽبال ٽيم جو ميمبر هو ۽ زلزلي جي وقت ننڊ ۾ هو.زلزلي سبب پشاور، ڊيرا اسماعيل خان ۽ نوشهره سميت خيبرپختونخواهه جا ٻيا علائقا متاثر ٿيا. زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هو. زلزلي سبب خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو ٻاھر نڪري آيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں