46

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري ۾ ڳالهيون ڪامياب، معاملا طئه

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا، آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام بحال ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف عمران خان دور ۾ پيٽرول تي ليوي 30 رپيا ڪرڻ جي شرط تي عملدرآمد جو مطالبو ورجايو، پيٽروليم شين تي هر مهيني 5 رپيا في ليٽر ليوي لڳائڻ جو مطالبو به ورجايو آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين جو هدف 7 هزار 5 ارب رپين کان وڌائي ٽيڪس هدف 7450 ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ڪسٽم وصولي جو هدف 950 ارب کان وڌائي 1005 رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پيٽروليم شين تي 11 سيڪڙو سيلز ٽيڪس پهرين جولاءِ ئان وصول ڪئي وڃي، آءِ ايم ايف پيٽروليم شين تي 50 في ليٽر ليوي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سيلز ٽيڪس جو هدف 3 هزار 8 ارب رپين کان وڌايو ويو آهي، سيلز ٽيڪس جو هدف 3 هزار 3 سئو ارب رپيا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي، انڪم ٽيڪس جو هدف 55 ارب رپيا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، نئين بجيٽ ۾ اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو مطالبو به سامهون آيو، ساليانو 15 ڪروڙ آمدني تي ٽيڪس هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومت جي معاشي قدم سان اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان جي بجيٽ تي آءِ ايم ايف راضي ٿي ويو آهي. جنهن کانپوءِ جلد وڏي خوشخبري ملوڻ واري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں