56

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي جي عبوري ضمانت منظور

لاهور: مسلم ليگ (ق) اڳواڻ مونس الاهي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور، ايم پي اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت لاءِ بينڪنگ ڪرائمز ڪورٽ لاهور ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪرڻ کان اڳ مٿس 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام هنيو، قانوني گهرجون به پوريون نه ڪيون ويون،  درخواست ۾ التجا ڪئي وئي ته عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي، ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته مونس صاحب توهان چيو هو ته ضمانت نه ڪرائيندس، جنهن تي درخواست گذار جواب ڏنو ته وڪيلن جي هدايت تي عبوري ضمانت ڪرائي آهي، سڀ ڪم وڪيل جي هدايت تي ڪري رهيو آهيان، ڪيس جي حوالي سان ڪا ڳالهه نه ڪندس، عدالت چوڌري مونس الاهي جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 4 جولاءِ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں