51

سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 776 ميگاواٽ تائين پهچي ويو

اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 776 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو مدو به 8 ڪلاڪن تائين وڌي ويو آهي.ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 21 هزار 124 ميگاواٽ آهي جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي جي ڪل طلب 25 هزار 900 ميگاواٽ آهي.ذريعن موجب پاڻي مان 5 هزار 334 ميگاواٽ، سرڪاري ٿرمل پلانٽس مان 1328 ميگاواٽ ۽ نجي شعبي جي پاور پلانٽس مان 10 هزار 522 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ونڊ پاور پلانٽس مان 1423 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽس مان 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جڏهن ته باگاس مان هلندڙ پلانٽس 134 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں