52

يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪيتريون ئي شيون مهانگيون، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي مصالحن، ٽوٿ پيسٽ، ڊيش واش، ماچس ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.برانڊڊ 75 گرام ٽوٿ پيسٽ جي قيمت 20 رپيا واڌ کانپوءِ 97 رپين مان وڌي 117 رپيا، جڏهن ته برانڊڊ ٽوٿ برش جي قيمت 20 رپيا وڌڻ بعد 117 رپيا ٿي وئي آهي.ٽوائلٽ رول ​​پيپر جي قيمت ۾ 5 رپيا واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 69 رپين مان وڌي 74 رپيا ٿي وئي، اهڙي طرح لگزري سائيز ٽشو پيپر جي قيمت ۾ به 25 رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ٽشو پيپر جي باڪس جي قيمت ۾ 173 کان 198 رپيا ٿي وئي،ڊش واشنگ اسپنج جي قيمت ۾ 66 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، گلاس ونڊو ڪلينر جي قيمت ۾ به 43 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 200 رپين مان وڌائي 243 رپيا ڪئي وئي آهي.ماچس جا پيڪيٽ به 10 رپين تائين وڌي ويا، جيڪي 40 رپين مان وڌي 50 رپيا ٿي ويا.يوٽيلٽي اسٽورن تي به مڪس مصالحن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هڪ ڪلو مڪس اچار جي اگهه ۾ 55 رپيا واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 278 رپين مان وڌي 333 رپيا ٿي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں