62

اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن پرڏيهي طاقت کي سپورٽ ناهيان ڪندو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن پرڏيهي طاقت کي سپورٽ ناهيان ڪندو.پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻه حڪمران خاندان قانون جي حڪمراني ۾ اچڻ کان انڪاري آهن، کين قانون جي دائري ۾ آڻڻ سڀ کان وڏو چيلينج آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ مسئلو آهي، اهو آهي ڪشمير، ڪشيمر مسئلي جي حل لاءِ پرعزم قيادت جي ضرورت آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڳوڻين حڪومتن کي ڪرپشن سبب ختم ڪيو ويو پر اسان جي واحد حڪومت هئي جنهن تي ڪرپشن جو الزام نه لڳو جڏهن ته هاڻوڪا حڪمران معيشت جو روڊ ميپ ڏيڻ بدران پاڻ کي ڪرپشن کان آجو ڪرڻ ۾ رڌل آهن.هن وڌيڪ چيو ته اقتدار ۾ واپسي لاءِ ڪنهن پرڏيهي طاقت کي سپورٽ ناهيان ڪندو.عمران خان چيو ته طالبان حقيقت آهن ۽ دنيا کي طالبان سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں