59

مشرف جو پاڪستان اچڻ کان انڪار نواز شريف جي لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو پاڪستان اچڻ کان انڪار نواز شريف جي لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف جو پاڪستان اچڻ کان انڪار نواز شريف جي پاڪستان اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو.سامراجي پڌرائي جي غلط اندازي ن ليگ جي سياست، اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليه جي وقار کي سخت نقصان پهچايو آهي، هن چيو ته خاص مددگارن جي جمعه بازار لڳي آهي، هاڻي اصلي بجيٽ اچڻي آهي، پوءِ خبر پئجي ويندي، شيخ رشيد چيو ته ملڪ افواهن جي زد ۾ آهي، جولاءِ ۾ بجلي، گئس جا بل ايندا ته قيامت برپا ٿي ويندي، سمنڊ پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق کسڻ ۽ نيب قانون ۾ پنهنجي ڪيسن لاءِ ترميم ڪرڻ قومي ڏوهه آهي، ڪرپٽ چورن کي مڙهيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں