60

پي ٽي آءِ نيب جا پر ڪاٽيا ۽ پي ڊي ايم ن جا ڏند ڪڍيا: سراج الحق

لاهور (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ نيب جا پر ڪاٽيا، پي ڊي ايم نيب جا ڏند ڪڍي ڇڏيا، منصوره ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪمرانن جون پاليسيون منهنجو چور زنده آباد ۽ توهان جو چور مرده آباد کانسواءِ ڪجهه ناهن، سڀاڻي معيشت تي قومي مشاورت ۽ 25 جون کان ٽرين مارچ شروع ڪنداسين، سراج الحق چيو ته معيشت وينٽي ليٽر تي ۽ پورو سياسي نظام آءِ سي يو ۾ آهي، پارليامينٽ اندر۽ ٻاهر ٿيندڙ فيصلن ۾ قومي تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني ويندي آهي، پي ٽي آءِ جيان پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت به ناڪامين جو ملبو اڳوڻن حڪمرانن تي وجهي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں