52

پکي ٽڪرائجڻ سبب مسافر جهاز جي لاهور ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ

لاهور (رپورٽر) لاهور ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي مسافر جهاز سان پکيءَ جي ٽڪرائجڻ سبب جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي.پي آءِ اي اختيارين موجب پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 258 شارجه کان لاهور لينڊنگ دوران جهاز جي انجڻ سان پکي ٽڪرائجي ويو. ڪپتان مهارت سان جهاز کي 168 مسافرن سميت ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته پکيءَ جي ٽڪر سبب جهاز جي انجڻ ناڪاره ٿي وئي ۽ جهاز اڏامڻ جي قابل نه رهيو، جهاز جي نقصان جو اندازو ان وقت لڳايو ويندو جڏهن پي آءِ اي جي انجنيئرنگ ٽيم ڪراچي کان لاهور پهچندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں