59

يوٽيلٽي اسٽورز تي مسلسل ٻئي ڏينهن به قيمتن ۾ اضافو، داليون وڌيڪ مهانگيون

اسلام آباد (رپورٽر) يوٽيلٽي اسٽورن تي شين جي قيمتن ۾ واڌ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو،  يوٽيلٽي اسٽورز تي دال جي قيمتن ۾ هڪ ڏينهن بعد وڏو اضافو ڪيو ويو آهي، نئين قيمتن موجب دال چڻا جي قيمت ۾ 28 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ دال چڻا جو اگهه 162 رپين مان وڌي 190 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. اڇن ڻن جو اگهه 87 رپيا في ڪلو وڌي 213 رپين مان وڌي 300 رپيا في ڪلو ٿي ويو، جڏهن ته مسور دال جو اگهه 55 رپين کان وڌي 270 رپيا في ڪلو ٿي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں