59

قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي استعيفيٰ جو معاملو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي استعيفيٰ جو معاملو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.ان حوالي سان اسپيڪر آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ميمبر جي غير حاضري تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف فائل داخل ڪئي آهي.اسپيڪر آفيس موجب ميمبرن جون استعيفائون فوري طور تي قبول نه ڪيون وينديون، معاملو التوا ۾ رکيو ويندو.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت معاملي کي معطل ڪري ضمني چونڊن جو رستو روڪڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن استعيفائون قبول ڪيون ويون ته حڪومت کي ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي فتح جو خدشو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں