55

مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي يا تشدد ٿيو ته ذميوار پيپلز پارٽي هوندي: علي زيد

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي حيدر زيدي چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي يا تشدد ٿيو ته ذميوار پيپلز پارٽي هوندي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهو پرامن رهن، هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خاص تي تي انهن کي جيڪي اڄ ڪالهه غير جابندار رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، انهن کي اپيل آهي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، علي زيدي چيو ته سنڌ ۾ جهڙي طرح جي صورتحال سامهون اچي رهي آهي، مون کي خدشو آهي ته 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو هڪ پرتشدد ۽ جان ليوا مشق نه بڻجي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں