54

بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 9 ڄڻا فوت، 21 زخمي، 4 لاپتا

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب هينئر تائين 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) چيو آهي ته بلوچستان ۾ مون سون کان اڳ واري برساتن ۽ طوفاني ٻوڏ سبب ڪل 9 ڄڻا فوت، 21 زخمي ۽ 4 لاپتا ٿي ويا آهن.پي ڊي ايم اي اختيارين موجب هرنائي ضلعي جي علائقي اسپن تنگي ۾ ٻن عورتن ۽ هڪ ڇوڪريءَ سميت 3 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان ڇوڪريءَ جو لاش هٿ آيو، جڏهن ته ٻه عورتون گم آهن.هرنائي ۾ برسات سبب 4 گهرن ۽ سنجاوي هرنائي هاءِ وي کي نقصان پهتو، ان کان علاوه ٻه پل ۽ هڪ ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ به متاثر ٿيو، جڏهن ته برساتن سبب فصلن کي به نقصان پهتو.پي ڊي ايم اي موجب 20 جون کان جاري برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي جي مختلف علائقن ۾ هن وقت تائين 9 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي چڪا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں