53

پي ٽي آءِ طرفان معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ سبب آءِ ايم ايف کي اسان تي اعتماد ناهي رهيو: وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت طرفان معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ تي آءِ ايم ايف چيو اسان کي توهان جي اعتبار ناهي، توهان به ته پاڪستان جي حڪومت آهيو، توهان تي ڪيئن اعتبار ڪيون.اسلام آباد ۾ ن ليگ جي سينيٽرن سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو ڪيو ته اها اگهه وڌائيندي پر شرطن تي عمل نه ڪيو، انهن کي شڪست نظر اچڻ لڳي ته انهن تيل سستو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي حڪومت تيل جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو فيصلو پاڻ ئي ڪري ڇڏيو.هن چيو ته اسان ڪيستائين چين کان مدد گهرندا رهنداسين، سعودي عرب اسان جو ڀاءُ آهي پر ڪيستائين اسان جي مدد ڪندو؟ چين ۽ سعودي عرب چوندا هوندا ته اسان ڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهنداسين.سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ رياست ۽ پوءِ سياست، جيڪڏهن رياست کي ڪجهه ٿيو ته سياست نه رهندي، گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سبب اسان کي اگهه وڌائڻا پيا ۽ عوام تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته يا معاهدو نه ڪيو پر جيڪڏهن ڪيو وڃي ته ان کي تسليم ڪرڻو پوندو آهي، اڄ آءِ ايم ايف چئي ٿو ته اسان توهان تي ڪيئن يقين ڪيون؟ گذريل حڪومت سان جيڪو معاهدو ٿيو، ان تي عمل نه ڪيو ويو، توهان به پاڪستاني حڪومت آهيو.شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان سمورا شرط طئي ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ڪو نئون شرط نه آيو ته معاهدو جلد ٿي ويندو، ڪجهه ساٿين جي راءِ هئي ته اسان کي سڌارا ڪري چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي پر هاڻ اتحادين جو گڏيل فيصلو آهي ته حڪومت 14 مهينن جو مدو پورو ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں