47

مهانگائيءَ جي ماريل عوام لاءِ بُري خبر، پيٽروليم شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو

اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پيٽرول تي 10 سيڪڙو جي شرح سان ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي.ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ريگيوليٽري ڊيوٽي انهن ڪارگوز تي لاڳو نه هوندي، جن جي ايل سي کلي چڪي آهي، جڏهن ته جنهن پيٽرول تي 10 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي آهي، ان تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو نه ٿيندي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ريگيوليٽري ڊيوٽي سان چين مان ڪسٽمز پري درآمدن تي ٽيڪس وصول ٿي سگهندو، ريگيوليٽري ڊيوٽي 30 جون کان لاڳو ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں