69

غريب عوام مهانگائيءَ سبب مري ويو، پر آءِ ايم ايف جو حڪم نامو نه آيو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته غريب عوام مهانگائيءَ سبب مري ويو پر آءِ ايم ايف جو حڪم نامو نه آيو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مٽاسٽا جا ذخيرا 2 مهينن جي اپورٽ کان به گهٽ آهن، غريب عوام مهانگائيءَ سبب مري رهيو آهي، شيخ رشيد چيو ته جولاءِ ۾ بجلي ۽ سياري ۾ گئس نه ملندي، پيٽرول تي 50 رپيا ليوي غريبن کي ماري ڇڏيندي، هن چيو ته مشرف کي سهولتن جي آڇ نواز شريف جي واپسي لاءِ آهي پر راڻا ثناءُ الله نئين آرمي چيف جي تاريخ ڪهڙي حيثيت سان ڏئي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں