68

گڏيل قومون جعلي خبرن جي روڪٿام لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو آهي ته جعلي معلومات جي روڪٿام ۽ ان خلاف عام سماجي رويو پيدا ڪرڻ لاءِ ”انٽر ايجنسي ٽاسڪ فورس“ قائم ڪيو وڃي.گروپ آف فرينڊز جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي هن گڏيل قومن تي پڻ زور ڏنو ته هو ميمبر ملڪن، خانگي ميڊيا ۽ آن لائين ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان فوڪل پرسن مقرر ڪري.ريڊيو پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو حڪومتن ۽ انهن جي ادارن جي غلط معلومات کي ڳولڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ بي نقاب ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري.پرڏيهي وزير چيو ته قومي ۽ عالمي محققن ۽ ادارن کي مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي وڃي جيڪي غلط ڄاڻ جي نشاندهي ۾ مددگار ثابت ٿين. هن چيو ته گڏيل قومن جو اطلاعات کاتو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مضبوط عالمي ڪوششون غلط انفارميشن نيٽ ورڪ کي بي نقاب ۽ ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون. هن انساني حقن ۽ برادرين ۽ رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن تي غلط معلومات جي ناڪاري اثر کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ زور ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں