59

پاڪستان ۾ ڪورونا واري ڪر کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو، 309 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا مثبت ڪيس 2.22 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 309 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي، 80 ڪورونا جا مريض انتهائي نگهداشت واري حالت ۾ آهن.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 13 هزار 941 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. سنڌ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ صوبي ۾ مثبت ڪيسن جي مجموعي شرح 6.10 تائين پهچي وئي آهي.ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو انگ 15.85 تائين پهچي ويو آهي. لاهور ۾ 2.38 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 1.63 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 1.52 سيڪڙو، مردان ۾ 4.76 سيڪڙو، پشاور ۾ 2.24 سيڪڙو، گلگت ۾ 1.42 سيڪڙو ۽ ميرپور آزاد ڪشمير ۾ 2.38 سيڪڙو مثبت ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں