اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيڪشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڄ ڊاهه بابت 10 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر، علي نواز اعواڻ، ڊاڪٽر بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، عمران خان عدالت کي 10 ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪرڻ جي التجا ڪئي، سيشن جج ڪامران بشارت مفتي عمران خان جي 6 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
61