52

وزيراعظم جو وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اقتصادي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ بابت اسان اهم فيصلا ڪيا آهن، جن جو بنيادي مقصد عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ آهي، هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪيل اعلانن موجب آءِ ايم ايف شرط منظور ٿي چڪا آهن، يقين آهي ته مشڪل وقت مان نڪري وينداسين،شهباز شريف چيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس پر سبز باغ نه ڏيکاريندس، امير ماڻهو غريبن جي مدد ڪندا آهن، غريبن قربانيون ڏنيون آهن، هاڻي اميرن جو وارو آهي، ٻيڙي پار ڪرڻ لاءِ  ڏينهن رات محنت ڪنداسين، هوشيار ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس (غربت ختم ڪرڻ وارو ٽيڪس) وڏين صنعتن تي لڳايو پيو وڃي، جن ۾ سيمنٽ، کنڊ، تيل ۽ گئس، ڀاڻ، ايل اين جي ٽرمينل، ٽيڪسٽائيل، بينڪنگ، آٽو موبائيل، سگريٽ، اسٽيل، ڪيميڪل مشروبات شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں