ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم طرفان وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ واري اعلان کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي ٿي آهي.جمعي ڏهاڙي ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسجين جي هنڊرڊ انڊيڪس ۾ معمولي لاٿ ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس ٽي پوائنٽس گهٽجي 42713 تي اچي ويو.وزيراعظم شهباز شريف طرفان وڏيين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ واري اعلان کانپوءِ مارڪيٽ ۾ صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ انڊيڪس وڌيڪ هيٺ هليو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هنڊرڊ انڊيڪس ۾ ٻاڙائي ڏٺي وئي آهي ۽ انڊيڪس 2055 پوائنٽس لاٿ کانپوءِ 40 هزار 661 تي اچي ويو.
67