60

عوام کي ڪينسر کان بچائڻو آهي، ان ڪري سگريٽ مهانگا ڪيا وڃن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي وزير خورشيد شاهه سگريٽ جا اگهه ٻيڻا ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ماڻهن کي بيمارين کان بچائڻ  ۽ سندن صحت جي حفاظت ڪرڻي آهي انڪري سگريٽ جا اگهه ٻيڻا ڪيا وڃن، اسان کي ماڻهن کي ڪينسر کان بچائڻو آهي.ان موقعي  اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مان سمجهان ٿو ته تماڪ نوشي صحت واري بجيٽ تي وڏو ٻوجهه آهي،  سگريٽ تي ٽئڪس لڳائڻ سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ عوام کي به خوشي ٿيندي.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته وزيراعظم به سگريٽ ڇڪڻ جي خلاف آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں