54

ق ليگ ۾ ڏار، چوڌري شجاعت جي ڀاءُ نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

گجرات (م ڊ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي ڀاءُ چوڌري وجاهت حسين نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گجرات ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري وجاهت حسين چيو آهي ته عمران خان سان پنهنجو واعدو پورو ڪنداسين، سالڪ حسين جو گجرات جي سياست سان ڪڏهن به ڪو تعلق ناهي رهيو، هن چيو ته جيڪي مخالف اسان جي تڪن، ضلعن ۾ اسان کي نه هارائي سگهيا اهي اسان جي گهر ۾ ڏار وجهي رهيا آهن، ان موقعي تي ايم اين اي چوڌري حسين الاهي چيو ته مخالفن جو دليري سان مقابلو ڪنداسين، هاڻي واپسي جو ڪو رستو ناهي، ن ليگ جي حڪومت چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي تي ڪيس درج ڪرائي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں