59

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ نمايان اضافو، وڌيڪ 435 ڄڻا وبا جو شڪار

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿي ويو ۽ 435 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صحت جي قومي اداري اين ايڇ آءِ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 13 هزار 644 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 435 ماڻهن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي، ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 3.19 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ وبا سبب هڪ ماڻهو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 87 مريضن جي حالت انتهائي خراب آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں