57

چين امداد فوج جي چوڻ تي ڏني، شهباز کي 100 رپيا به نه ملن ها: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته چين امداد فوج جي چوڻ تي ڏني، شهباز شريف جي چوڻ تي ته 100 رپيا به نه ملن ها،پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو سياسي عدم استحڪام آهي، غريبن خلاف 15 ڏينهن کان زهر جهڙي بجيٽ جاري آهي، پر آءِ ايم ايف اڃا به فيصلو نه پيو ڪري، هاڻي ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳائڻ باقي آهي، جماعت اسلامي جي مهانگائي ٽرين مارچ جي حمايت ڪريان ٿو، شيخ رشيد چيو ته مهانگائيءَ جي شرح 30 سيڪڙو وڌي وئي آهي، سپر ٽيڪس صنعتن کي ۽ 10 کان 40 هزار دڪانن تي فڪسڊ ٽيڪس ظلم آهي، سياسي لوٽن کي ادائگي ڊالرن ۾ ٿي، هر ڪو گوادر ۾ سنگ بنياد رکندو آهي، پر تعميرات ناهي ڪرڻ ڏني ويندي، ڪفن ۽ قبر جو ريٽ ٻيڻو ٿي ويو آهي، غريب جو مسئلو مهانگائي ۽ شهباز جو مسئلو مري هاءِ وي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں