58

آءِ ٽي انڊسٽري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ اسٽيٽمنٽ شرط ختم ڪرڻ سٺو عمل آهي: امين الحق

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته آءِ ٽي انڊسٽري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ اسٽيٽمنٽ جا شرط ختم ڪرڻ بهتر آهي، انفارميشنل ٽيڪنالوجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير امين الحق چيو ته آءِ ٽي شعبو فعال بڻائڻ ۽ مٽاسٽا جي وڌيڪ حاصلات لاءِ ضروري آهي، انهن سمورين تجويزن تي جلد فيصلا ڪيا ويندا، جيڪي ناڻي کاتي کي موڪليا آهن، هن چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ اسٽيٽمنٽ جا شرط ختم ڪرڻ بهتر عمل آهي، سيڙپڪاري ڪندڙن تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جو خاتمو فائديمند ٿي سگهي ٿو، پر اهي قدم ناڪافي آهن، ايف بي آر کي واضح هدايتون جاري ڪيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں