64

هٿياربند فوج هر خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي: وزيراعظم

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڪراچي ۾ نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ملڪي دفاع مضبوط بڻائڻ تي قوم کي هٿياربند فوج تي فخر آهي، هن چيو ته ميري ٽائم مفادن جي تحفظ لاءِ بحريه کي جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، دوست ملڪن سان گڏجي منصوبا ان صلاحيت ۾ اضافي جو سبب بڻجندا، وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪ بحريه کي سمورا ضروري وسيلا مهيا ڪندي، پرامن ماحول ۾ ئي ترقي ممڪن آهي، قائد اعظم پاڪستان کي دنيا لاءِ رول ماڊل طور چاهيندو هو، غلطين مان سبق سکي محنت ۽ چاهه سان پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهجي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں