50

ملڪ ۾ هر طرف بيروزگاري ۽ انڌير نگري آهي: سراج الحق

رحيم يار خان (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ڪڻڪ ۽ چانور سڀ کان وڌيڪ پيدا ڪندڙ ملڪ آهي پر هر طرف بيروزگاري ۽ اوندهه آهي.ٽرين مارچ جي شروعات کان اڳ رحيم يار خان ريلوي اسٽيشن تي جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته حڪومت کي خبر هئي ته اڄ اسان جو ٽرين مارچ آهي پر ٽرين ليٽ ٿي.هن چيو ته حڪمرانن پرڏيهي ڪمپنين سان مهانگا معاهدا ڪري ملڪ کي تباهه ڪيو، ڪشمير کي ڀارت ۽ اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو، جڏهن ته ڀارت به پنهنجي هارين کي سهولتون ڏئي ٿو پر هتي ڪنهن جي سفارش يا رشوت کانسواءِ گولڊ ميڊلسٽ کي نوڪري به نٿي ملي.هن وڌيڪ چيو ته اڄ به 5 سيڪڙو زميندار 65 سيڪڙو زمين تي قابض آهن، بلوچستان جا ماڻهو سراپا احتجاج آهن ۽ ملڪ جو 62 سيڪڙو پاڻي ضايع ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته عمران خان ڪراچي ۾ ترقي لاءِ 1100 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر هن 1100 ارب بدران 11 رپيا به نه ڏنا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں