61

وزيراعظم شهباز شريف سپر ٽيڪس لڳائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شرييف اميرن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس جي اعلان جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ تي ٻه رستا هئا، پهريون رستو هو اليڪشن ڪرايون ۽ معيشت کي ڀورا ڀورا ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيون جڏهن ته ٻيو رستو اهو هو ته پهريان اقتصادي چيلينجز کي منهن ڏجي.هن چيو ته اسان پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ کان بچائڻ جي چونڊ ڪئي ۽ پاڪستان کي پهريان سامهون رکيو.شهباز شريف جو چوڻ هو ته هي پهرين بجيٽ آهي جنهن ۾ معيشت جي بحالي جو منصوبو آهي، سخت فيصلا ملڪ کي معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ جي قابل بڻائيندا، حڪومت گهٽ آمدني وارن ۽ پگهار کڻندڙن تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت اهو فيصلو غربت جي خاتمي جي مقصد سان ڪيو آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سرندي واري طبقي کي چيو آهي ته هو بار ورهائي قومي فرض پورو ڪن، سڌي ريت ٽيڪس مان حاصل رقم مالي ڏکيائين کان متاثر ماڻهن تي خرچ ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں