69

پاڪستان جي سياست ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ منظور وساڻ نوان خواب ڏسي ورتا

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ نيون اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون.سندس چوڻ آهي ته عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ مون کي نظر نٿو اچي.منظور وساڻ چيو آيه ته جيڪو اقتدار مان ويندو آهي اهو جلدي واپس ناهي ايندو هاڻي عمران خان کي انتظار ڪرڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته عمران خان جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ايندي ويندي، جيڪو موقعو عمران خان کي ڏنو ويو هو ان مان ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو، عمران خان جا ساٿي به جولاءِ ۾ سندس ساٿ ڇڏي ويندا.زراعت واري صلاحڪار موجب عمران خان جو لانگ مارچ غلط فيصلن جي ڪري ناڪام ٿيو، هاڻي لانگ مارچ ڪندو به ته ڪامياب نه ٿيندو.هن اڳڪٿي ڪئي ته 2023 ۾ بلاول ڀٽو يا ن ليگ مان وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان آهي، اتحاد به ٺهي سگهي ٿو جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون اپريل 2023 ۾ ڏسي رهيو آهيان.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان ٽڪراءُ واري سياست ڪري رهيو آهي، احتساب کان گهٻرائي رهيو آهي.منظور وساڻ موجب پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي خلاف ڪرپشن ڪيسز جي جاچ ڪري پوءِ نيب قانون آندو وڃي ها.هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مرڪز ۾ جيڪو نئون سيٽ اپ ايندو اهو مون کي تنگ نه ڪندو.زراعت بابت صلاحڪار موجب پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي، ڪپهه ۽ ڪمند سڙي رهيو آهي، عمران خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں