61

عمران خان نيب ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.تحريڪ انصاف حڪومت طرفان ڪيل نين نيب ترميمن کي چيلينج ڪري ڇڏيو، نيب ترميمن خلاف درخواست تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان داخل ڪئي وئي.وڪيل خواجا حارث نيب ترميمن خلاف آرٽيڪل 184/3 جي درخواست تيار ڪئي جنهن ۾ وفاق ۽ نيب کي ڌر بڻائيندي چيو ويو ته نيب قانون جي سيڪشن 5 4 2 25 6 26 ۾ ڪيل ترميمون آئين جي ابتڙ آهن.درخواست ۾ عمران خان استدعا ڪئي ته سيڪشن 15 14 21 23 ۾ ترميمون به آئين جي ابتڙ آهن، نيب قانون ۾ اهي ترميمون آئين جي آرٽيڪل 9 14 25 24 19A جي بنيادي حقن جي ابتڙ آهن، نيب قانون ۾ ڪيل انهن سمورين ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں