56

هڪ لک رپين تائين ماهوار پگهار کڻندڙن تي ٽيڪس نه لڳائڻ واري تجويز واپس

اسلام آباد (م ڊ) پگهاردار طبقي لاءِ نيون انڪم ٽيڪس تجويزون سامهون اچي ويون جنهن ۾ پنجاهه هزار رپيا ماهوار آمدني وارن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته هڪ لک رپين تائين پگهار وارن تي ٽيڪس ڇوٽ جي تجويز واپس ورتي وئي آهي.بجيٽ دستاويز موجب هڪ لک رپيا پگهار تي اڍائي سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ ۽ ٻه لک رپيا پگهار تائين پندرهن هزار رپيا ساليانو فڪس ٽيڪس ڏيڻو پوندو ان کانسواءِ هڪ لک رپيا کان وڌيڪ ۽ ٻه لک رپيا پگهار تائين ٻارنهن ڏهائي پنج سيڪڙو ماهوار ٽيڪس ڏيڻو پوندو.دستاويزن موجب ٻه لک کان ٽي لک رپيا ماهوار پگههار تي هڪ لک پنجهٺ هزار رپيا ساليانو جڏهن ته ويهه سيڪڙو ماهوار ٽيڪس هوندو.دستاويزن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٽي لک کان پنج لک رپيا ماهوار پگهار تي چار لک پنج هزار رپيا ساليانو ٽيڪس هوندو جڏهن ته ٽي لکپ رپيا کان وڌيڪ رقم تي پنجويهه سيڙو ماهور ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.اهڙي ريت پنج کان ڏهه لک رپيا پگهار تي ڏهه لک رپيا ساليانو ٽيڪس هوندو ۽ پنج لک رپيا کان وڌيڪ رقم تي ٻٽيهه سيڪڙو ماهوار ٽيڪس لاڳو هوندو.دستاوين موجب ڏهه لک رپيا کان وڌيڪ پگهار وارن تي انٽيهه لک رپيا ساليانو ٽيڪس لڳندو ۽ ڏهه لک رپيا کان وڌيڪ رقم تي پنجٽيهه سيڪڙو ٽيڪس هوندو.ذريعن موجب فڪسڊ ٽيڪس ٽيهه جون ٻه هزار ٽيويهه کان ختم ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں