61

17 جولاءِ تي ضمني چونڊ ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته رتوڇاڻ ٿيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن ڌانڌلي ٿيندي رهي ته پاڪستان ۾ انتشار پکڙجي ويندو، جيڪڏهن 17 جولاءِ تي پنجاب ۾ ضمني چونڊن ۾ ائين ٿيو ته رتو ڇاڻ ٿيندي.اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لاهور ۽ فيصل آباد جي ضمني چونڊن ۾ بهتر انتظام ڪيا وڃن، گذريل ڏينهن سنڌ ۾ چونڊن دوران ٻه ڄڻا مارجي ويا هئا.شيخ رشيد چيو ته ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا ته ڪالهه سنڌ جي چونڊن ۾ بيلٽ باڪس کڻي ويا، جڏهن ته نوابشاهه ۾ پرزائيڊنگ آفيسر به کنڀيو ويو.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عالمي سازش عمران خان خلاف عدم اعتماد آندو پر عمران خان جي سياست بي اعتمادي ۽ سازش کان وڏي آهي. 13 رڪني اتحاد هن وقت حڪومت ۾ آهي.ان کان اڳ اسلام آباد جي ضلعي سيشن عدالت پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ شيخ رشيد، شهريار آفريدي ۽ خرم نواز جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں