59

سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽنگ طريقيڪار بابت آئيني ترميم خلاف داخل درخواست رد

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جي طريقيڪار بابت آئيني ترميم خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ سسٽم بابت آئيني ترميم خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ دائود غزنوي جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ان کي رد ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته عدالت پارليامينٽ کي قانون سازي جي هدايت نٿي ڏئي سگهي. اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ لاءِ قدم کڻندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هي تمام پيچيده معاملو آهي. ووٽ جي حفاظت ۽ رازداري تمام ضروري آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ووٽ جو حق کي تسليم ڪيو وڃي ٿو پر ڏنو نٿو وڃي. اوورسيز پاڪستانين کي قيامت تائين ووٽ جو حق نه ڏنو ويندو. پارليامينٽ بدديانتي سان اوورسيز پاڪستانين جي ووٽن جو معاملو ٻيهر زيرو تي پهچائي ڇڏيو.چيف جسٽس اطهر من الله درخواستگذار جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارليامينٽ جي قانون سازي کي بدنيتي نه ٿو چئي سگهجي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست رد ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں