58

مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي وري جهٽڪو، بجليءَ جي قيمت ۾ 7 رپيا 90 پئسا واڌ

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 90 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.واڌ مئي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، نيپرا تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو.نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي پيٽرول جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جيڪڏهن وڌيڪ مهانگو تيل استعمال ڪيو وڃي ها ته ان کان به وڌيڪ اضافو ٿئي ها.سي پي پي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته عالمي تيل جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو آهي، ان کان اڳ عالمي ڪوئلو تمام سستو هو پر روس ۽ يوڪرين جنگ سبب عالمي ڪوئلو تمام مهانگو ٿي ويو آهي.سي پي پي اي اختيارين موجب جولاءِ جي آخر ۾ 42 ڊالر قيمت تي ايل اين جي ڪارگو ملي رهيو آهي، پر موجوده ملڪي صورتحال ۾ انهن کي خريد ڪرڻ ناممڪن آهي، هڪ ڪارگو به ڊگهي مدي واري معاهدي تحت منسوخ ڪيو ويو آهي.چيئرمين نيپرا چيو ته ڪجهه به ڪريون ته ڦاسي پونداسين، صورتحال ساڳي آهي، امپورٽ فيول تي پلانٽ نه لڳايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں